ميرپورخاص/ڊگهڙي(بيورو رپورٽ+ن پ ا) ڪنگورو شاخ جي آبادگارن جو پاڻي جي کوٽ خلاف ڪنگورو اسٽاپ تي ڌرڻو، ميرپورخاص مٺي روڊ ٻنهي پاسن کان بلاڪ ٽائرن کي باهيون خبر موجب  ڪنگورو شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو بابر لغاري، سجاد لغاري، نواز جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪنگورو اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙي سخت احتجاج ڪيو ويو، ڌرڻي سبب ميرپورخاص مٺي روڊ ٻنهي پاسن کان بلاڪ ٿي ويو، گاڏين جو ڊگهيون قطارون لڳي ويون، ان موقعي ته آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هيو ته گذريل اڍائي مهينن کان ڪنگورو شاخ ۾ پاڻي نه آهي، جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن، وقت تي فصل کي پاڻي نه ملڻ ڪري واڌ ويجھه ناهي ٿي، هنن چيو ته پاڻي نه ملڻ ڪري ڪڻڪ جي اپت هلندڙ سيزن ۾ گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي، هنن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ بڻيل آهي، جنهن سبب انسان توڙي جانور پاڻي جي لپ لاءِ سخت پريشان آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪنگورو شاخ کي پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن انسانن، چوپائي مال ۽ فصلن کي پاڻي ملي سگهي.