ڊگهڙي(ن پ ا) سنڌ آبادگار اتحاد پاران ڊگھڙي سب ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ناگان اسٽاپ تي ڌرڻو هڻي  ٽنڊوغلام علي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، خبر موجب پاڻي کوٽ خلاف سنڌ آبادگار اتحاد طرفان ڊگھڙي سب ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڊگھڙي ڀرسان ناگان اسٽاپ تي سيف الله گل، ڪاشف جوڻيجو، حبيب جٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي ڊگھڙي ٽنڊوغلام علي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته تعلقي ڊگهڙي جي شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي، پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿيل آهي، ٻن مهينن کان پاڻي بند آهي، جنهن جي ڪري فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن، جمڙائو ڪينال مان 32 ميل موري کان پاڻي هيٺ نه پيو ڇڏيو وڃي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڊگھڙي سب ڊويزن جي شاخن ۾ پاڻي فراهم ڪري زراعت سان گڏ انساني حياتيون ۽ چوپايو مال بچايو وڃي.