ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگھڙي شهر جي الله آباد ڪالوني جو رھواسي شاھزيب علي ولد محمد ارشد ملڪ ميڊيا اڳيان پنهنجو موقف اختيار ڪندي الزام هنيو ته ڊگهڙي واسي حبيب برھماڻي ۽ مڇر برھماڻي نالي نوجوانن مون کي چيو ته موٽر سائيڪل تي اسان سان گڏ مٺائي جي دڪان تي هل مٺائي وٺي اچون ٿا آئون انھن سان گڏجي ويس ته اهي مون کي حيدرآباد روڊ ڏانھن وٺي ويا جتي رستي جي پاسي ۾ ديوين جي جهنگ ۾ وڃي منهنجي مٿان پسٽل تاڻي چيو ته بدفعلي ڪرڻ ڏي ٻي صورت ۾ توکي ماري ڇڏينداسين جنهن بعد ٻنهي نوجوانن مون سان زبردستي بدفعلي ڪئي آهي، مون گھر اچي وارثن کي ٻڌايو وارث ڊگھڙي ٿاڻي تي اچي پوليس کي واقعي جي درخواست جمع ڪرائي، ڊگھڙي پوليس نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ڊگھڙي اماڻيو جتي موجود ڊيوٽي ڊاڪٽر حبيب مري موجب متاثر نوجوان جا جزا وٺي ڪيميڪل ايگزامينيشن لاءِ ليباريٽري اماڻيا آھن جتان رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ تصديق ٿيندي رابطو ڪرڻ تي ڊگهڙي پوليس ٻڌايو تي واقعي جي درخواست وارثن جمع ڪرائي آهي واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.