ميرپورخاص/ڊگهڙي(نمائندن وٽان) ڊگهڙي شهر جي واحد ماڊل ٽائون واري علائقي مان نوجوان جو گهر مان لاش هٿ خبر موجب ڊگهڙي شهر جي واحد ماڊل ٽائون واري علائقي مان گهر اندران 30 ورهين جي نوجوان محمد رافع ولد اصغر جٽ جو لاش هٿ آيو، علائقي واسين جي اطلاع تي ڊگهڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺڻ بعد ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو، رابطو ڪرڻ تي ڊگهڙي پوليس ٻڌايو ته نوجوان جي ڳچي ۾ رئو ٻڌل آهي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته واقعو خودڪشي آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ جاري آهي، ٻئي پاسي علائقي واسين موجب فوتي نوجوان ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هيو، سندس گهرواري نازيه جروار ليڊي پوليس ڪانسٽيبل آهي، فوتي نوجوان جو تعلق بدين ضلع جي شهر گولاڙچي سان ٻڌايو پيو وڃي.