ڊگهڙي(ن پ ا) ڊگهڙي ۾ جيمخانه ويجهو  نادرا جي جوڙيل نئين عمارت جو افتتاح چيئرمين ٽائون ڪميٽي مير ذوالفقار ٽالپر ۽ نادرا جي ڊائريڪٽر رائو رضوان ڪيو افتتاحي تقريب جي موقعي چيئرمين ٽائون ڪميٽي مير ذوالفقار ٽالپر ڳالهائيندي چيو ته نادرا جي جوڙيل نئي عمارت ۾ عوام کي بهتر سهولتون ملي سگهنديون، هن چيو ته نئين عمارت ۾ 6 ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن، جنهن جي لاء عوام کي هاڻ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاء ڊگهو انتظار نه ڪرڻو پوندو نادرا جي ڊائريڪٽر ڪرنل (ر) رائو رضوان چيو ته نادرا طرفان هڪ اپليڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن تحت عوام گهر ويٺي نادرا جي آن لائين سهولتن کان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، ٿي ان موقعي تي زونل ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالجبار ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشن ڪاشف پڻ موجود هئا.