ڊگهڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ ديهه۔164بي ۾ ڪاجو ڪولهي جي غير شادي شده نوجوان پٽ لالجي گهر کان پرڀرو جهنگ ۾ ديوي جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو . اطلاع تي ڊگهڙي پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال کڻائي پهتي جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا، خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي پيءُ ڪاجو ڪولهي جو چوڻ هو ته پٽ کي پيشاب جي تڪليف سبب پيشاب ۾ گند وهندو هو ۽ سندس ذھني توازن پڻ درست نه هو سندس بيماري جو علاج پڻ ڪرايو هو.