ڊگھڙي(ن پ ا) ڊگھڙي شهر جي واحد ماڊل ڪالوني جي رهواسين جو واپڊا خلاف واپڊا آفيس اڳيان ٽنڊو غلام علي روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ رهواسين سيد بابر شاھه، ميوو گنگاڻي، رزاق ڪلهوڙو، سيد نين شاھه ۽ ٻين چيو ته ايس ڊي او واپڊا جنهن تعصب پرست رويو ڏيکاريندي اسانجي ڪالوني جي بلاجواز بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي، اسان جائز مسئلو حل ڪرائڻ جي لاءِ جڏهن سندس آفيس پهتاسين ته ان وقت به هن اسان سان گٿا لفظ ڳالهايا آهن، هنن چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ سموري پاڙي جا رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهن، بجلي نه هئڻ ڪري سحري افطاري تراويح ۽ نماز پڙهڻ جي لاءِ پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، وضو ڪرڻ جيترو به پاڻي ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پاڙي جي بجلي بحال ڪئي وڃي، احتجاجي مظاهري ۽ روڊ بلاڪ هئڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ايس ايچ او ڊگھڙي سليم سراج سمون ڌرڻي واري هنڌ پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.