ڊگھڙي (ن پ ا) 2013ع ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي مرڪزي صدر حبيب سنڌي، جنرل سيڪريٽري لال بخش سهتو، ساجد يوسف قائمخاني، ارسلان قائمخاني ۽ ٻين جو مطالبن جي مڃتا جي لاءِ پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪيو، اميدوارن جو چوڻ هو ته سال 2012-13 ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ ڏئي ميرٽ تي ڪامياب ٿياسين پر افسوس جي ڳالھه آهي اڄ به دردبدر آهيون، حڪمرانن ۽ ڪامورن جي ملي ڀڳت سان اسان جي حقن تي ڌاڙو هڻي ميرٽ جي لتاڙ ڪري سياسي بنيادن ۽ ٻٽي معيار واريون پاليسيون مڙهيون ويون آهن، هنن چيو ته گذريل ڊگھي عرصي کان سراپا احتجاج آهيون، عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي ته بند پيل اسڪول کولي اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استاد ڀرتي ڪيا وڃن پر حڪمران اسان جي هڪ به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، هنن چيو ته 7آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻي پنهنجا حق وٺنداسين.