ڊگهڙي لڳ ڀلي نسل جا 60 ڍور پراسرار نموني مري ويا، ڀاڳين جا وٿاڻ خالي، ڌرڻو

0
19
ڊگهڙي لڳ ڀلي نسل جا 60 ڍور پراسرار نموني مري ويا، ڀاڳين جا وٿاڻ خالي، ڌرڻو
ڊگهڙي لڳ ڀلي نسل جا 60 ڍور پراسرار نموني مري ويا، ڀاڳين جا وٿاڻ خالي، ڌرڻو

ڊگهڙي/ ٽنڊوجان محمد (نمائندن وٽان) ڳوٺ جهنڊو ڪلوئي ۾ پراسرار نموني ڀاڳين جا 60 ڇيلا، ٻڪريون ۽ رڍون مري ويون. ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا، مالوندن جو مئل ڍور روڊ تي ڌرڻو  خبر موجب ڳوٺ جهنڊو ڪلوئي ۾ ارشد ڪلوئي، موسي ڪلوئي، عارب ۽ ٻين ڀاڳين جا 60 ڇيلا، ٻڪريون ۽ رڍون پراسرار طريقي سان  مري ويون، هوڏانهن “پنهنجي اخبار” طرفان رابطو ڪرڻ تي وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر رازق لغاري ٻڌايو ته ڀاڳين جو چوڻ آهي ته چارو چرڻ بعد چوپايو مال مرڻ لڳو آهي، معاملي جي جاچ لاءِ اسان ٽنڊو ڄام مان  سينٽرل وٽرنري ڊائيگنوسٽڪ ليبارٽري جي هڪ ٽيم گهرائي آهي، جنهن مئل ڍورن جا جزا ورتا آهن، وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر رازق لغاري وڌيڪ ٻڌايو ته بظاهر لڳي رهيو آهي ته چوپايو مال فوڊ پوائزننگ جي ڪري مري ويو آهي، پر ليبارٽري مان جزن جي چڪاس بعد ايندڙ حتمي رپورٽ کي ڏسي پوءِ ئي حتمي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ٻئي طرف رات دير سان ٽنڊوجان محمد لڳ ڳوٺ جھنڊو ڪلوئي جي رهواسين انب موري اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري مئل چوپايو مال روڊ رکي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي ڀاڳيي صدام ڪلوئي جو چوڻ ھو ته ڀرواري زميندار ظھير آرائين کان اسان موڪل وٺي ڍورن کي ڀيلاڙو چاريو، زميندارپاران ڀيلاڙي تي زھريلي دوا جو اسپري ڪرڻ سبب اسان جو چوپايو مال مئو آھي، هن اسپري جي ڄاڻ هجڻ باوجود اسان کي نه ٻڌايو، جنهن ڪري ڍور مري ويا، لکن جو نقصان ٿيو آهي، زميندار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،ڌرڻي سبب روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري ڊي ايس پي جھڏو ۽ ايس ايڇ او ٽنڊوجان محمد احتجاج واري ھنڌ پھچي ڀاڳين سان ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي، معطل ٽريفڪ بحال ڪرائي.