لاهور(انٽريسٽنگ نيوز) سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي جي نالي سان مشهوريوٽيوبر کي موٽر وي تي اسٽنٽ ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. وائرل وڊيو ۾ هو نه رڳو موٽر وي تي اوور اسپيڊنگ ڪري رهيو آهي پر هٿ ڇڏي گاڏي به هلائيندي نظر اچي ٿو. ان وڊيو ته صارفين مٿس سخت تنقيد ڪئي ۽ هاڻ موٽر وي پوليس به ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪري ورتو. موٽروي پوليس شهرين کي پيغام ڏنو ته اووراسپيڊنگ تي ڪيس داخل ڪيو آهي. پوليس شهرين کي اپيل ڪئي ته قومي شاهراهن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ قنون تي عمل ۽ پوليس سان سهڪار ڪيو وڃي.