ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ٿاڻي جي حد دڙي جاکري لنڪ روڊ تي واصل پوليس پڪٽ سامهون نامعلوم هٿياربندن پرائمري استاد نسيم ککراڻي کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هوڏانهن ڦر واقعي خلاف متاثرن واصل بس اسٽاپ وٽ شڪارپور_لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي رڪاوٽون رکي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن نسيم ککراڻي، ھمير جوڻيجو، اسلم لولائي، شهمير ککراڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، جوابدار استاد کان سرعام ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.