ڊکڻ(ن پ ا) ڊکڻ لڳ ڳوٺ بخشا شاخ جي رهواسي چانڊيا برادري جي ماڻهن آصف چانڊيو، مسمات سعيده خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شڪارپور- لاڙڪاڻو نيشنل هاءِ وي روڊ بخشا شاخ بس اسٽاپ وٽ مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس بنا جواز اسانجي نوجوان علي عباس چانڊيو کي گرفتار ڪيو آهي،نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته موٽرسائيڪل سوار مشڪوڪ ماڻهو گهمي رهيا هئا،جن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن دوران هنن پوليس تي فائرنگ ڪئي آهي،جنهن بعد هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو آهي،