ڊکڻ (ن پ ا) ڳوٺ مور خان عمراڻي ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ويجهي ساٿي ۽ ش ڀ جي صوبائي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي اوطاق ۽ گهر تي لاڙڪاڻي جي پوليس اٽالن چڙهائي ڪئي.ڊي ايس پي صدر لاڙڪاڻو آغا شڪيل پٺاڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عامر زيب جتوئي جن جو گارڊ قتل ۽ هڪ زخمي ٿيو هو ان ڪيس ۾ عنايت  عمراڻي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان جي گرفتار لاءِ چڙهائي ڪئي هو هٿ ناهي آيو، شهيد ڀٽو اڳواڻ عنايت عمراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڀٽو اڳواڻ سڪندر جتوئي ۽ ان جي ڀائيٽي عامرزيب ۾ جهيڙو ٿيو هو، ٻنهي سان ذاتي واسطو آهي، باقي جهيڙي سان واسطو ناهي، حڪومت جي چوڻ تي لاڙڪاڻو پوليس منهجو نالو ڪيس ۾ کوليو آهي، جيڪا ناانصافي آهي جاچ ڪري ڪوڙو ڪيس ختم ۽ گهر تي ٿيل بلاجواز چڙهائي جو ازالو ڪيو وڃي.