ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ ڳوٺ روشن جتوئي تي رتوديرو پوليس جي اٽالن ڳوٺ روشن جتوئي تي چڙهائي ڪري گهر گهر تلاشي ورتي، چڙهائي دوران پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ فائرنگ جي پڻ ڏي وٺ ٿي،ڳوٺاڻن پوليس تي ڪرين مشين ذريعي 4 گهر ۽ اوطاق ڊاهڻ جا الزام هنيا آهن، واجد جتوئي الزام هڻندي ٻڌايو ته رتوديرو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڪرين مشين ذريعي  اسانجا 4گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ لکين رپين جو سامان کڻي ويا آهن، هوڏانهن ڊي ايس پي رتوديرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽريڪٽر ڦر ۾ ملوث واجد جتوئي ۽ ٻين  جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ روشن جتوئي ۾ ڪارروائي ڪئي، جتان ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، باقي ٻيا الزام بي بنياد آهن، هوڏانهن ڊکڻ لڳ ڳوٺ ڪجلو  بروهي تي رتوديرو ۽ وارث ڏنو ماڇي پوليس چڙھائي ڪري گهر گهر تلاشي ورتي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن رحمدل بروهي، زر خاتون، شير بروهي، شفيق بروهي ۽ ٻين چيو ته رتوديرو ۽ وارث ڏنو ماڇي پوليس گهرن تي چڙھائي ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري 2 موٽرسائيڪلون پڻ ڪاهي وئي.