ڊکڻ )ن پ ا) ڊکڻ شهر جي سياسي سماجي ورڪر سليم جيهو فرحان ڪالوني ۾ پنهنجي گهر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪيو، نازڪ حالت ۾ اسپتال نيئندي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، سليم جيهو جي آپگهات ڪري واري خبر بعد شهر ۾ هر اک آلي ٿي وئي، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام پئجي ويو، سماجي ورڪر سليم جيهو ڪجهه مهينن کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو.