ڊکڻ (ن پ ا) نبي شاھ وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالرشيد بروهي جي رهواسي پورهيتن غلام نبي ۽ نجيب الله بروهي کان قربان لاڙي وٽان هٿياربند ٻه موٽر سائيڪلون، 14 هزار روڪ ۽ موبائل ڦري ويا، ڳوٺاڻن نصير محمد،  محمود الحسن، مير غلام علي شڪارپور رتوديرو انڊس هاءِ وي وي ڊرٻ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو.مظاهرين چيو ڦر جو نبي شاھ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، پر پوليس نه پهتيان موقعي تي ايس ايڇ او نبي شاھ مزار مهر پهچي مظاهرين کي ڦر ٿيل جي واپسي جي خاطري ڪرائي روڊ کولائي ڇڏيو.