ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ڀرسان حيات واھ جي ڍورو واري علائقي ۾ مختلف ضلعن جي پوليس آپريشن دوران پوليس ۽ ڌاڙيلن جي مقابلي ۾ دوران مارجي ويل حيدرآباد واسي مغوي واپاري حسن ناصر نظاماڻي جو ڪيس ايس ايچ او اي سيڪشن حيدرآباد نيڪ محمد کوسو جي فرياد تي ڊکڻ ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ عبدالوهاب ويسر، شاهد جتوئي، شير محمد ملاح ۽ اختيار جتوئي سميت ٻن اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ 302 ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، فريادي ڄاڻايو آهي ته پير سونو واري علائقي ۾ وهاب ويسر جي مڇي جي تلاءَ تي رات اعجاز ٻٻر جي نشاندهي تي پهتاسون ته ڌاڙيلن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ مغوي حسن ناصر نظاماڻي ۽ پڪڙيل جوابدار اعجاز ٻٻر مارجي ويا، ٻيا جوابدار فرار آهن، ٻي طرف پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار اعجاز ٻٻر جي امڙ ۽ ڀيڻ شمشاد خاتون، سچل خاتون مديجي اسپتال پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪئي آهي، وارثن موجب اعجاز ٻٻر ٽيڪسي ڊرائيور هو.
اعجاز ٻٻر ٽيڪسي هلائيندو هو، ظلم ٿيو آهي: سچل خاتون
مديجي: ڊکڻ ٿاڻي جي حد ۾ چئن ضلعن جي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل اعجاز ٻٻر جي وارث پيرسن امڙ ۽ سندس ڀيڻ مديجي اسپتال پهچي لاش جي سڃاڻپ ڪئي، ان موقعي تي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي اعجاز ٻٻر جي امڙ سچل خاتون ۽ ڀيڻ شمشاد ٻڌايو ته اعجاز ٻٻر ٽيڪسي ڊرائيور هيو، حيدرآباد ۾ ڪرائي تي ٽيڪسي هلائيندو هيو، اسان پير جو ڳوٺ جا رهواسي آهيون، شمشاد چيو ته منهنجي ڀاءُ مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي هڪ اين سي به داخل ناهي، جيڪڏهن ڏوهاري هجي ها ته ملڪيت هجي ها، هن وٽ ڪجهه به ناهي، اسان سان وڏو ظلم ٿي ويو آهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.
|
ڌاڙيلن هٿان مارجي ويل واپاري جي ٽنڊي قيصر ۾ تدفين، سوڳ
ٽنڊوجام ( ن پ ا ) ٽنڊوڄام واسي قتل ٿئي ويل مغوي جو مڙهه ڪالهه رات دير سان ٽنڊوجام آندو ويو، جنھن بعد سندس تدفين مقامي ڳوٺ ٽنڊو قيصر شهر ۾ ٿئي، وارثن پاران عارضي طور ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مغوي حسن ناصر نظاماڻي جي جنازي نماز ۾ پوليس توڙي سياسي اڳواڻن شرڪت نه ڪئي، مغوي جي جنازي نماز ۾ سندس برادري توڙي ٽنڊوجام جي آس پاس واسي شرڪت ڪئي، ٽنڊوجام ويجھو راهوڪي ٿاڻي جي حد مان اغوا اغوا ٿي ويل نوجوان رتيديري ڀرسان ڊکڻ جي علائقي ۾ حيدرآباد پوليس سان مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو جڏهن ته حيدرآباد مان اغوا ٿيل واپاري حسن ناصر نظاماڻي به شهيد ٿي ويو هيو، پوليس هڪ ڌاڙيل کي گرفتار ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي هئي، ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار پاران راهوڪي ٿاڻي جي حد مان 11 آڪٽوبر تي اغوا ٿيل واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي هئي. جي آءِ ٽي جي ميمبرن مان ايس ايڇ او اي سيڪشن نيڪ محمد کوسو ۽ ايس ايڇ او هوسڙي مقصود مڱڻهار جي سربراهي ۾ پوليس پارٽي مغوي جي بازيابي لاءِ رتيديري ڀرسان ڊکڻ جي ڪچي واري علائقي ۾ پهتي هئي، جتي ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو هيو، مقابلي دوران هڪ ڌاڙيل اعجاز ٻٻر مارجي ويو جڏهن ته ان دوران گوليون لڳڻ جي ڪري مغوي واپاري حسن ناصر نظاماڻي به شهيد ٿي ويو هيو، پوليس هڪ ڌاڙيل ممتاز شر کي گرفتار ڪري ورتو هيو، هوڏانهن آپريشن دوران پوليس ڪا به وڏي ڪاروائي نه ڪئي، رات دير تائين مقابلو ڪجهه وقت جاري رهيو، شهيد ٿيندڙ مغوي حسن ناصر نظاماڻي جو لاش رات دير سان رتيديري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنھن بعد ڪلهه رات دير سان ٽنڊوجام شهر ۾ پهچايو ويو، لاش پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو، پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال اٿي رھيا آھن، جڏهن ته سندس وارثن کي حيدرآباد ۾ مغوي جي مارجي وڃڻ جو اطلاع مليو هيو، حسن ناصر نظاماڻي اصل ٽنڊي قيصر جو رهواسي هو ۽ ڪجهه سالن کان هو ٽنڊي ڄام ۾ رهائش پذير هو. ياد رهي ته 11 آڪٽوبر تي هو ٽنڊي ڄام مان پنهنجي راهوڪي واري ٺيڪي تي ورتل باغ کي ڏسڻ لاءِ پهتو ته اتان اغوا ٿي ويو. مغوي جي اغوا جو ڪيس 12 آڪٽوبر تي راهوڪي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
|
اعجاز ٻٻر کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو، ڀاءُ ڏوهاري نه پر پورهيت هو: ظفر ٻٻر
ڊکڻ: ڊکڻ لڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل مبينا جوابدار اعجاز ٻٻر جي ڀاءُ ظفر ٻٻر وڊيو بيان ڏيندي چيو آهي ته منهنجو ڀاءُ اعجاز ٻٻر ڏوهاري نه هو، هو پير ڳوٺ جو رهواسي آهي، گذريل ڏھ سالن کان حيدرآباد ۾ رهندو هو ۽ ٽيڪسي هلائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو هو، هو ڏوهاري نه هو، هن کي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي، ايس ايس پي شڪارپور، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي دادو ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.
حسن نظاماڻي جي اغوا ۾ سندس نوڪر ملوث هو : ڊي آءِ جي حيدرآباد
ڊکڻ: ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد مان اغوا ٿيل حسن ناصر نظاماڻي جي اغوا ۾ سندس نوڪر ملوث هيو ۽ ڪجهه ماڻهو گرفتار آهن، ڏوهارين سان گڏجي کيس باغ تان اغوا ڪيو ويو، جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٽريس ڪيو مغوي کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته ڪارروائي ڪئي، مغوي پوليس کي ڏسي رڙيون ڪيون ته ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿيو، ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مغوي قتل ٿي ويو. فائرنگ ۾ ڏوهاري اعجاز ٻٻر به مارجي ويو. جوابدار جو ڏوهي رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.