ڊکڻ (رپورٽ: اصغر ٿهيم) ڊکڻ لڳ ٻن سئوٽن ۾ ڪاٺيون کڻڻ جي معمولي ڳالھه تان جهيڙو، هڪ پسٽل جا فائر ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ واصل ککراڻي ۾ سيد برادري جي ٻن سئوٽن غلام اڪبر شاهه ۽اعتبار شاهه وچ ۾ ڪاٺيون کڻڻ جي معمولي  ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ جوابدار غلام اڪبر شاهه فائرنگ ڪري پنهنجي سئوٽ سيد اعتبار شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي سول اسپتال شڪارپور آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن نوجوان کي پنهنجي ئي سئوٽ معمولي ڳالهه تان گولي هڻي قتل ڪيو، هنن چيو ته جوابدار بيگناهه نوجون کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.