ڪراچي (م ڊ) ڊچ سائنسدان هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا ۾ زلزلي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ڊچ سيسمولوجسٽ فرينڪهوگريبٽ وارننگ ڏيندڙ اڳڪٿي ڪئي آهي جنهن جو بنياد هن سيارن ۽ زمين سان واڳيل ان چرپر تي رکيو آهي جيڪا عام طور تي زلزلي جو سبب بڻجندي آهي. تڪراري سائنسدان جي اڳڪٿي آهي ته اڄ 20 مئي ۽ 21 مئي تي سيارن جي جيوميٽري هاءِ رسڪ زلزلي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.