ڪراچي: اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 10 مهينا اڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ترقي ماڻيندڙ آفيسر سان اختيارين جي ناانصافي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اينٽي ڪرپشن کاتي 10 جنوري تي ڊپٽي ڊائريڪٽر طور 18هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ اسد ميراڻي کي هن وقت تائين لاڳاپيل اختيارين پاران 18هين گريڊ واري پوسٽ تي مقرر نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري ڄاڻايل آفيسر ترقي باوجود 17هين گريڊ جون مراعتون ۽ پگھار کڻي رهيو آهي. ان حوالي سان ڊپٽي ڊائريڪٽر اسد ميراڻي پاران چيف سيڪريٽري وٽ درخواست به داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن بعد اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران کيس حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر طور مقرر ڪرڻ جي سفارش به چيف سيڪريٽري ڏانهن اماڻي وئي آهي پر اڃا تائين ان تي عمل نه ٿي سگھيو آهي. جنهن بعد متاثر آفيسر پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ترقي باوجود پوسٽنگ نه ملڻ سبب پگھار نه پئي وڌي ۽ مراعتون نه پيون ملن