اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي ڪابينا ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب جي پگهار ۽ مراعتن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن مطابق ڊپٽي چيئرمين نيب سهيل ناصر کي 15 لک رپيا ماهوار پگهار ۽ مراعتون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب سيد احتشام شاهه لاءِ 16 لک 58 هزار رپيا ماهوار پگهار ۽ مراعتن جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڊپٽي چيئرمين نيب کي 500 ليٽر پيٽرول، بجلي، گئس ۽ ٻيا الائونس هاءِ ڪورٽ جي جج جي برابر ملندا. جڏهن ته پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي 600 ليٽر پيٽرول، ڊرائيور سميت گاڏي، بجلي، گئس ۽ ٻيا الائونس سپريم ڪورٽ جي جج جي برابر ملندا. ذريعن مطابق ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي رڪوري تي بونس به ملندا. قانوني واري وزارت جي سمري تي وفاقي ڪابينا مان سيڪيوليشن ذريعي منظور حاصل ڪئي وئي آهي. چيئرمين نيب نذير احمد جي سفارش تي پگهار ۽ مراعتن جي منظور ڏني وئي آهي.