لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور سوشل ميڊيا انفلوئنسر ۽ ٽڪ ٽاڪر ، ايريڪا حق انڪشاف ڪيو آهي ته صبا قمر سندس ڊپريشن دوران تمام گهڻو ساٿ ڏنو. تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ حصو وٺندي پنهنجي ذاتي زندگي جي ڏکين لمحن بابت ڳالهائيندي ٽڪ ٽاڪر چيو ته جڏهن هوءَ هڪ مشهور ميوزڪ وڊيو جو حصو بڻي ته کيس سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته ان وقت مون کي پنهنجي خاندان جي حمايت حاصل هئي، پر ڪجهه اداڪارائن به منهنجي حمايت ڪئي، خاص طور تي صبا قمر، هن عاصم اظهر کان منهنجو نمبر ورتو ۽ پاڻ مون سان رابطو ڪيو. مون کي صلاح ڏني، مون کي همٿايو ۽ هن جي لفظن مون کي تمام گهڻو فائدو ڏنو، مون کي ڪنهن به علاج کان سواءِ بهتر محسوس ٿيو. هن چيو ته صبا قمر جي خلوص ۽ رهنمائي هن جي نفسياتي دٻاءُ کي دور ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿي. ايريڪا اهو به انڪشاف ڪيو ته جڏهن مون کي عاصم اظهر ۽ ينگ اسٽنرز جي وڊيو ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو ته مان 18 سالن جي به نه هيس، پر سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي هئي ته مون کي ڇو ڪاسٽ ڪيو ويو. هي ڳالهه منهنجي لاءِ تمام گهڻي ڏکوئيندڙ هئي ۽ مان ڊپريشن ۾ هلي ويس.سوشل ميڊيا تي صارفين ۽ مداحن انٽرويو جي تعريف ڪئي ۽ نوجوان فنڪارن جي دل جي گهراين سان همٿ افزائي ڪرڻ تي صبا قمر جي انسان دوستي جي تعريف ڪئي.