ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاه سان ورلڊ بينڪ جي وفد وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾  500 ملين ڊالرن جي فنڊنگ سان ٻوڏ سٽيلن لاءِ شروع ٿيندڙ هائوسنگ منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير وفد کي ٻڌايو ته گهرن جي تعمير جي تجويز آخري مرحلي ۾ آهي، رٿابندي کاتي جي ٽيم ۽ صوبائي هائوسنگ ڪمپني جو سي اي او ورلڊ بينڪ جي لاڳاپيل ٽيم سان ملاقات ڪري منصوبي کي حتمي شڪل ڏيندا