ڪراچي: عمارت ڌماڪي سان ڊهڻ بعد ڀر واري عمارت جون ڏاڪڻيون به ڪِري پيون، اتان جا رهواسي عمارت اندر ئي ڦاسي پيا، جن کي ريسڪيو ڪيو ويو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب عمارت ڌماڪي سان ڪِرڻ سبب ڊٺل عمارت جي ڀرواري 7 ماڙ عمارت جون ڏاڪڻيون به ڊهي پيون، جڏهن ته ڀرپاسي وارين ٻين عمارتون به جزوي طور تي متاثر ٿيون. جن ۾ ڏار پئجي ويا، انهي واقعي سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو.