ٽنڊو ڄام : ڊي ڊي اوز کان بجيٽ تي 7 سيڪڙو ڀتو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.سنڌ زرعي تحقيقي اداري مان مٿين جي نالي پيسا گهرڻ واري آڊيو وائرل ٿيڻ تي ڊي جي نور محمد بلوچ مٿان ويٺل انڪوائري بنا نتيجي فائل بند ٿي پئي .سنڌ زرعي تحقيقي اداري ۾ هر مهيني مٿي پيسا پهچائيڻ جي نالي تي ڊي ڊي اوز کان ڀتو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ زرعي تحقيقي اداري مان سينڪشنل هيڊس کان هر مهيني مٿي پيسا پهچاڻ لاءِ ڀتو ورتو ويندو آهي، جنهن جي ڪجهه وقت اڳ آڊيو به وائرل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ سيڪشنل هيڊ کان مٿي پيسا پچائيڻ جو چئي پيسا گهريا پئي ويا ،جنهن تي ڊائريڪٽر جنرل نور محمد بلوچ مٿان انڪوائري پڻ ويهاري وئي هئي ،جيڪا بنا نتيجا فائيل بند ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ جي زراعت کاتي جي سيڪريٽري اعجاز مهيسر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته فائونڊشن سيل جي زمين ڪيتري آهي ان جي خبر ناهي، باقي سموري زرعي تحقيقي اداري جي زمين 1900 ايڪڙ کان وڌيڪ آهي ،آئون 15 سال پراڻا مردا نٿو کوٽڻ چاهيان، نه وري پراڻي ڪنهن معاملي تي ڪمينٽس ڪنداس،هن ڀيري اسان جي جيڪا پيدوار لهندي اها گهڻي ٿيندي.