سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءَ تارڙ چيو آهي ته ڊي چوڪ ڌرڻي مان هڪ به لاش ناهي مليو، جيڪڏهن لاش هجن ها ته سامهون اچي وڃن ها، ڪير چوي ٿو 4 هزار لاش آهن، ڪو چئي رهيو آهي 4 سئو لاش آهن، ڪير چوي ٿو 160 لاش آهن، اهي ڄڻ لاش نه پر وڻ هجن جيڪي جڳهه جڳهه تي ڦٽي رهيا آهن، وفاقي وزير عطاءَ تارڙ اسلام آباد ۾ احتجاج دوران مبينا طور تي ڪنٽينر تان ڪرايل شهريءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته ڄاڻايل شخص منڊي بهاوالدين جو رهائشي آهي ۽ زنده آهي پر سندس مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، تحريڪ انصاف وارا ڪوڙ ڳالهائي رياست کي بدنام ڪري رهيا آهن، بئرسٽر گوهر چئي رهيو آهي ته 12 لاش هئا، هاڻي 4 هزار کي صحيح مڃون يا 4سئو کي، پي ٽي آءِ جا هن وقت 6 کان 7 گروپ آهن جيڪي سڀ پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن.