ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان اي بي ڊي ويليئرز ميدان ۾ ٿيندڙ تڪرارن ۾ ويرات ڪوهلي جي ضرورت کان وڌيڪ ملوث هئڻ کي سندس ناقص ڪارڪردگي جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو، تازو ئي مڪمل ٿيندڙ پنج ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ ويرات ڪوهلي کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، هن 9 اننگز ۾ رڳو 190 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ پرٿ ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ سينچري به شامل آهي، حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته 9 مان 8 اننگز ۾ ويرات ڪوهلي آف اسٽاپ کان ٻاهر جي بال کي کيڏندي آئوٽ ٿيو، وڌيڪ اهو ته بيٽر ميلبرن ٽيسٽ ۾ نوجوان آسٽريلوي بيٽر سيم ڪونسٽاس سان به ڳنڍجي پيو، ويرات ڪوهلي سان پيش ايندڙ انه مسئلن کي ڏسندي اي بي ڊي ويليئرز بيٽر جي ميچ ۾ جذباتيت کي سندس ناقص ڪارڪدگي جو سبب قرار ڏيندي اهم صلاح ڏني آهي، هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته هن تماشائين جي ردعمل کي پاڻ کي متاثر ڪرڻ ڏنو، اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي بيٽر ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوهلي کي مشورو ڏنو ته اهو هڪ قدم پوئتي ٿئي ۽ هر بال کي ٻيهر فوڪس ڪري منهن ڏئي ته جيئن هائي پريشر ميچز ۾ پاڻ کي گڏ ڪري کيڏي سگهي.