ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپور ماٿيلي جي مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ تي قبضو ڪري ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۽ ڪامپليڪس ٺاهڻ بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته ميرپور ماٿيلي جي مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي عمارت کي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي آفيس ۽ ڪامپليس ڪيئن ٺاهيو ويو؟ عدالت  پڇاڻو ڪيو ته ڏهرڪي ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جي زمين تان قبضو ختم ٿيو يا نه؟ عدالت پاران  ڏهرڪي ۽ ميرپور ماٿيلو جي لائبريرين تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ بحالي بابت ڊي سي گهوٽڪي ۽ ڊي جي اسسٽوٽا کي ذاتي حثيت ۾ پيش ٿي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، عدالت سکر بئراج جي ايوب پل جي مرمت تي ٿيل خرچن بابت آبپاشي کاتي ۽ سکر ميونسپل ڪاپوريشن ۾ ڪرپشن بابت چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت ٻئي مامرا اينٽي ڪرپشن کاتي کي موڪلڻ جي پڻ هدايت ڪئي عدالت صوبي ۾ پبلڪ لائبريرين، اسپتالن ۽ اسڪولن جي زبون حالي بابت درخواست جي  ٻڌڻي دران  ثقافت کاتي، نوشهري فيروز ۽ گهوٽڪي جي ڊي سيز پاران پيش ڪيل رپورٽن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جواب داخل نه ڪرائڻ تان ڇو نه ڊي سي گهوٽڪي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي؟ جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڪنهن اسڪول جي ڇت ڪرڻ تي ٺيڪيدار ۽ انجنيئر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي, هاڻي ايف آءِ آر ۾ لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر  به شامل ڪيو وڃي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ثقافت کاتي وٽ صوبي ۾ 32 لائبريريون آهن، جن مان صرف 23 فعال آهن، جنهن تي  ثقافت کاتي جي عملدار چيو ته اسان وٽ صرف 23 لائبريريون آهن عدالت چيو ته ثقافت کاتي وٽ جيتريون به لائبريريون آهن ،انهن کي هڪ مهيني ۾ مڪمل فعال ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، فيصلي ۾ چيو ويو ته هڪ مهيني اندر لائبريرين کي سولر انرجي تي تبديل نه ڪيو ويو ته توانائي وارو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿئي، عدالت چيو ته صرف ڪنڊيارو نه پر صوبي جون سوين لائبريريون نظر انداز ٿي رهيون آهن، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر ڪم نٿا ڪري سگهن ته پوءِ ڪم ڇڏي ڏين، هنن کي چئو ته اهي وڃي ڪي سٺا ڪم ڪن، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌ صوبو ڊپٽي ڪمشنرن جي رحم ڪرم تي هلي رهيو آهي، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن وٽ ڪيترا فنڊ آهن؟ جنهن تي سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڊپٽي ڪمشنرن وٽ 50 ملين رپين تائين جا فنڊ آهن، جنهن تي عدالت پڇيو ته انهن فنڊن جي استعمال جو طريقو  ڪهڙوآهي ۽ اهي ڪٿي خرچ ڪيا ويا آهن؟ اسڪولن جون ڇتون ڊهي پيون آهن، اهي فنڊ ٻين  مسئلن تي خرچ ڇو نٿا  ڪيا وڃن؟ عدالت چيو ته ڊي سي کي مليل فنڊن جي استعمال لاءِ ميڪنزم تيار ڪيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنرن کي مليل فنڊن جي ورڇ  ۽ استعمال کي به شفاف بڻايو وڃي، عدالت ڊي سي نوشهروفيروز کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺي ڇڏيو، عدالت اسٽيوٽا چيف کي چئن سالن جي ڊگري پروگرام بابت طلب ڪري ورتو، عدالت تعليم کاتي جي سيڪريٽري کي سنڌ ٽڪيسٽ بورڊ جا درسي ڪتاب اسڪولن ۾ پهچائڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل درآمد بابت رپورٽ سميت ذاتي حثيت ۾ طلب ڪري ورتو.