خيرپور: ٻارڙن واري وارڊ مان ايئرڪنڊيشنز ۽ اينڪيوبيٽرس لاهڻ واري معاملي جو ڊي جي هيلٿ سنڌ پڻ نوٽيس وٺي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر خيرپور ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو کي معاملي جي جاچَ جو حڪم ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ليڊي ولنگٽن اسپتال پهچي ڊاڪٽرن، ڊاڪٽرياڻين ۽ ٻئي عملي جا بيان ورتا. ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ليڊي ولنگٽن اسپتال جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري، ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي، ڊاڪٽر زاهده مالڪ سومرو، ڊاڪٽر سليم سومرو ۽ ٻئي عملي سميت سول اسپتال خيرپور جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر مير محمد سومرو ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله مهر جا بيان قلمبند ڪري ڇڏيا آهن معاملي جي نتيجن جي رپورٽ ٽن ڏينهن اندر ڊي جي هيلٿ ڏانهن اماڻي ويندي.