ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪراچي شهر جي امن امان جي صورتحال خاص طور تي ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ، جوائنٽ ڊي جي آءِ بي، ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچي، سي ٽي ڊي، اسپيشل برانچ، ايسٽ، ويسٽ، سائوٿ، سي آءِ اي ۽ ٽريفڪ جي ڊي آءِ جيز، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ چہلم جي جلوسن جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي اسنيپ چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جو فيصلوڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته داخلي ۽ خارجي رستن تي نظر رکي وڃي، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته صوبائي حڪومت پاران جاري ڪيل حڪمن جي روشنيءَ ۾ موجوده قانون ۽ ضابطه اخلاق جي مڪمل پاسداري کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي