ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ڊي اي او پرائمري زرينا چنا مٿان آفيس ۾ مبينا حملو، تشدد، پ ٽ الف اڳواڻ مٿان حملي جو الزام. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري زرينا چنا ميڊيا نمائندن سان ڳالھائيندي روئي پئي. سندس چوڻ ھو ته پ ٽ الف اڳواڻ ظفر لاکي ڪالهه شام 7 وڳي ڪال ڪري چيو ته اڪائونٽس آفيس اچي ڪاغذن تي صحيح ڪري ڏيو. مون کيس چيو ته اهو ڪو وقت ناهي، آفيس ٽائيم ۾ صحيح ڪرائي وڃو. ان تي ھن مڇرجي آفيس ۾ گھڙي اسٽاف سامھون گارگند ڪئي ڌمڪيون ڏنيون، ڪرسي کڻي ھڻڻ جي ڪوشش ڪئـي پر ڪلارڪن وچ ۾ پئي بچائي ورتو. ھن چيو ته سيڪريٽري تعليم کي شڪايت ڪئي آهي. سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ھن چيو ته جيڪڏهن عورت آفيسر کي بليڪ ميل ۽ حراسان ڪيو ويندو ته سنڌ جون نياڻيون ڪيئن اڳتي وڌنديون. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل پ ٽ الف ضلعي صدر ظفر لاکي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊي اي او پرائمري مٿان تشدد وارو الزام سراسر ڪوڙ آھي. ضلعي ۾ پرائمري استاد جيڪي 9 مان 14 گريڊ ۾ اپگريڊ ٿيا آھن، سندن ڪيس ڊي اي او آفيس ۾ پيل آھي، ڊي اي او پرائمري رشوت طلب ڪري رھي آھي. معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي. هوڏانهن ڊي اي او پرائمري زرينا چنا مٿان مبينا تشدد جو سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاري ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ڌار ڌار نوٽيس ورتو. سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاري نوٽيس وٺندي پ ٽ الف ضلعي صدر ظفر لاکو کي معطل ڪري ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سيڪريٽري ايجوڪيشن ڊي اي او پرائمري زرينا چنا سان رابطو ڪري کانئس تفصيل ورتا ويا. جڏهن ته ڊي سي گهوٽڪي ليٽر جاري ڪندي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي ڊي اي او پرائمري زرينا چنا جي فرياد تي پ ٽ الف اڳواڻ ظفرالله لاکو خلاف اراده قتل، موتمار ڌمڪين ۽ حراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.