ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مصطفيٰ عامر جي قتل کان پوءِ ڊي ايڇ اي جي رهواسين ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، اسٽيشن ڪمانڊر ڊي ايڇ اي ۽ ٻين کي خط لکيو. جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڊي ايڇ اي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ارمغان جي پيءُ ڪامران اصغر قريشي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، تازن واقعن جي ڪري سيڪيورٽي خدشن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ارمغان جي استعمال هيٺ بنگلي نمبر 35 جي اصل مالڪ کي سامهون آندو وڃي، ارمغان جي پيءُ ڪامران اصغر قريشي کي به بنگلو خالي ڪرڻ لاءِ چيو وڃي، ارمغان جي قبضي واري بنگلي مان هوائي فائرنگ جا ڪيترائي واقعا ٿيا، جنهن علائقي ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪيو.خط ۾ چيو ويو آهي ته 2023 ۽ 2024 جي وچ ۾ بنگلي ۾ شينهن کي به غير قانوني طور تي رکيو ويو هو، ارمغان قريشي 100 خانگي سيڪيورٽي گارڊ رکيا هئا، ارمغان پنهنجن محافظن ذريعي عورتن ۽ گهريلو ملازمن کي تنگ ڪرڻ ۾ پڻ ملوث آهي، 8 فيبروري تي بنگلي ۾ ارمغان ۽ پوليس جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي ڪري ٻيا رهواسي پنهنجن گهرن ۾ ڦاسي پيا.
ارمغان تي 8 سالن کان وِيڊ گهرائي نشو ڪرڻ جا الزام
ڪراچي: اينٽي نارڪوٽيڪس عدالت ۾ مصطفي’ عامر قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار ارمغان خلاف منشيات جي ٻن ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت چيو ته جوابدار کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو وڃي، پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ارمغان 8 سالن کان اعلي’ ڪوالٽي جو چرس ويڊ گهرائيندو هو، جوابدار پهرين جولائي 2017 کان 24 اپريل 2019 تائين 9 ڀيرا منشيات گهرائي، جوابدار اها منشيات پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پيءُ جي نالي تي اسمگل ڪرائي، ڪيسن ۾ اشتهاري ڏنل جوابدار ڪيفي ۽ ٻين پارٽين ۾ نشو ڪندا هئا
|
مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ ارمغان ۽ شيراز جي سڃاڻپ پريڊ نه ٿي
ڪراچي: مصطفي’ عامر قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار ارمغان ۽ شيراز جوڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش، جاچ آفيسر جي نااهلي سبب جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ نه ٿي سگهي نه ئي وري ڪيس جي شاهدن جا 164 وارا بيان رڪارڊ ٿي سگهيا، جنهن تي عدالت پاران جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪندي چيو ته ڇا شاهدن جا بيان قلم بند ڪرائڻ کان پهريون جوابدارن جي وڪيلن کي نوٽيس ڏنو ويو ويو هو ? عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي شاهدن کي اڄ ٻيهر طلب ڪري ورتو،
حڪومت پاران چيني ڪمپنين کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام متعلق سيڪريٽري سيڙپڪاري بورڊ چيني ڪمپنين جي سي اي اوز سان ملاقات ڪئي. اجلاس جي صدارت سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، حڪومت چيني ادارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. سيڪريٽري چيني ڪمپنين کي دعوت ڏني ته هو پيداواري، توانائي، فوڊ پروسيسنگ، اسٽيل، ڪاپر، ٽيڪنالاجي ۽ آٽو موبائيل جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، اجلاس ۾ پاڪستان جي 35 اسپيشل اڪنامڪ زونز تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان حڪومت بزنس فيسليٽيشن سينٽر قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو.