ڊي ايچ اي سٽي سميت ڪراچي ۾ زلزلي جا 2 جهٽڪا: هراس

0
28
ڊي ايچ اي سٽي سميت ڪراچي ۾ زلزلي جا 2 جهٽڪا: هراس
ڊي ايچ اي سٽي سميت ڪراچي ۾ زلزلي جا 2 جهٽڪا: هراس

ملير (رپورٽر) ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪجهه منٽن جي وقفي سان زلزلي جا 2 هلڪا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب شهرين ۾ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ڪيترائي ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. زلزلا پيما مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي پهرين زلزلي جي شدت 2.5 ۽ ٻئي زلزلي جي شدت 2.6 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ڊي ايڇ اي سٽي جي آس پاس 40 ڪلوميٽر زمين جي اونهائي ۾ هو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ پهرين جون کان زلزلي جا 42 جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.