عمرڪوٽ (رپورٽر) اين اي 213 تي ننڍي چونڊ پ پ مخالف اميدوار اڄ تي ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، عمرڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو لال مالھي چيو 17 اپريل تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ اڳواٽ ئي پ پ اميدوار کي ڌانڌلين ذريعي کٽرائڻ لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي پئي وڃي اليڪشن ڪميشن ڊي آر او آر او سميت ڪو به عملدار شڪايتون نٿو ٻڌي ان ڪري اڄ آچر تي 11 وڳي ڊي آر او ڊي سي آفس آڏو ڌرڻو لڳندو ۽ ڌرڻو مطالبن جي مڃتا ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ جو يقين ڏيارڻ تائين جاري رھندو لال مالھي چيو ته تيمور ٽالپر چار پوليس موبائيلون ساڻ ڪري عوام کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته 15 تاريخ تي جلسو ٿيندو ۽ اليڪشن ھر صورت ۾ وڙھندس ھن چيو ته عمرڪوٽ جو عوام دريا۽ سنڌ جون زمينون وڪڻندڙن کي 17 اپريل تي رد ڪري شڪست ڏيندو، ڊي آر او تي حڪومت جو ايڏو دٻاءُ آھي جو فون اٽينڊ ڪرڻ کان به لنوائي پيو، ان کي پ پ وارن چيو آھي ته اسانکي ھر صورت ۾ اليڪشن کٽرائي ڏي پريس ڪانفرنس دوران مختلف سياسي جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود ھئا