ڊي آءِ خان (م ڊ) ڊيره اسماعيل خان ۾ درابن پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار ۽ هڪ ڪسٽم مزدور شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ اهلڪار زخمي پڻ ٿيو، پوليس موجب حملي دوران ٻنهي طرفن کان شديد فائرنگ شروع ٿي وئي، جنهن سبب پوليس اهلڪار عصمت الله ۽ ڪسٽم مزدور عبدالله مارجي ويا، پوليس اهلڪار پرويز زخمي ٿيو، واقعي کانپوءِ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو، حملي آورن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، شهيد پوليس اهلڪار عصمت الله جي جنازي نماز ادا ڪري کيس سرڪاري اعزاز سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف چيڪ پوسٽ تي حملي کانپوءِ عملي کي معطل ڪندي پوليس اهلڪارن لاءِ نئون هدايت نامو جاري ڪيو ويو.