عمرڪوٽ: ڌيءُ حريم نواز چيو ته بابا جو موبائل فون، اي ٽي ايم ڪارڊ، ڳلي ۾ پهريل سوني چين، ھٿن ۾ پهريل منڊيون غائب آھن، اھي واپس ڪيون وڃن، اھي ڪير ٿيندا آھن، منھنجي بيگناھ والد کي مارڻ وارا، اسان سپريم ڪورٽ تائين وينداسين، انصاف جو در کڙڪائينداسين، اسان سان ظلم ٿيو آھي، هن چيو ته منهنجي بابا کي بيگناهه قتل ڪندڙ ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص، ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ايس ايڇ او سنڌڙي کي نه ڇڏيندس، انهن خلاف عدالت ويندس، انهن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.