
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آرمي چيف کي ٻيو کليل خط لکي ڇڏيو. لکيل خط ۾ اڳوڻي وزير اعظم چيو آهي ته مون چيف آف آرمي اسٽاف (اوهان) کي هڪ کليل خط لکيو ته جئين فوج ۽ عوام وچ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ نفرت کي ختم ڪيو وڃي، پر ان جو جواب انتهائي غير ذميواراڻي ۽ غير سنجيده ڏنو ويو. مان پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم ۽ ملڪ جي مقبول ترين ۽ وڏي سياسي پارٽيءَ جو سربراهه آهيان، مون سڄي زندگي ملڪ ۽ قوم جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪرڻ ۾ گذاري آهي. منهنجي 55 سالن جي عوامي زندگي ۽ 1970ع کان وٺي هن وقت تائين 30 سالن جي ڪمائي سڀني جي سامهون آهي منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان ۾ ئي آهي. مون کي صرف پنهنجي فوج جي تصور ۽ عوام ۽ فوج جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلن جي امڪاني اثرن جي باري ۾ فڪر آهي، ان ڪري مان هي خط لکي رهيو آهيان. مون جن 6 نقطن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪڏهن عوام جي راءِ ورتي وڃي ته 90 سيڪڙو عوام انهن نقطن جي حمايت ڪندو. اليڪشن کان اڳ ۾ ڌانڌلي ۽ اليڪشن جا نتيجا ايجنسين ذريعي تبديل ڪري منظم حڪومت قائم ڪرڻ، عدليه تي قبضو ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ مان بندوق جي زور تي 26هين آئيني ترميم پاس ڪرائڻ ۽ ججن کي ڀرتي ڪرڻ، ظلم، جبر خلاف اُٿندڙ آواز کد بند ڪرڻ لاءِ پيڪا جهڙو ڪارو قانون لاڳو ڪرڻ، سياسي عدم استحڪام ۽ ملڪي معيشت جي تباهي ”جنهن جي لٺ ان جي مينهن“، ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽيءَ کي رياستي دهشتگرديءَ جو مسلسل نشانو بڻائڻ ۽ سمورن رياستي ادارن جو سياسي انجينئرنگ ۾ ملوث هجڻ، سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ نه رڳو عوام جي جذبات کي مجروح ڪري رهيا آهن، پر فوج ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلن کي به مسلسل وسيع ڪري رهيا آهن. فوج ملڪ جو اهم ادارو آهي، پر ان ۾ ويٺل چند ڪاريون رڍون سڄي اداري کي نقصان پهچائي رهيون آهن. اهڙو ئي هڪ شخص اڊيالا جيل ۾ ويٺل ڪرنل آهي جيڪو نه رڳو آئين، قانون ۽ جيل مينوئل جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي پر جيل جي عملي کي ڪنٽرول ڪندي انساني حقن جي به ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هو عدالت جي حڪمن کي پنهنجي جوتن جي چوٽي تي رکي، اهڙا عمل ڪندو آهي جيئن ”قابض فوج“ ڪندي آهي. ان کان اڳ اڊيالا جيل جي فرض شناس سپرنٽينڊنٽ اڪرم کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڇاڪاڻ ته هو قانون جي پاسداري ۽ جيل جي ضابطن تي عمل ڪري رهيو هو، پر جيل جي سموري اسٽاف کي اڃا تائين خوفزده ڪيو پيو وڃي. هڪ ڪرنل جي ماتحت جيل انتظاميه بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري مون تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سڀ ڪجهه غلط ڪيو آهي، مون کي موت سيل ۾ 20 ڏينهن تائين بند ڪيو ويو، بغير سج جي روشني. پنجن ڏينهن تائين منهنجي سيل جي بجلي بند رکي وئي مان مڪمل اونداهي ۾ هئس. منهنجي ورزش جو سامان ۽ ٽي وي به کڻي ويا ۽ مون کي اخبارن تائين پهچ جي اجازت به نه ڏني وئي، ايستائين جو ڪتاب به بند ڪيا ويا. انهن 20 ڏينهن کان علاوه مون کي وري 40 ڪلاڪن تائين لاڪ اپ ۾ رکيو ويو. مون گذريل ڇهن مهينن ۾ صرف ٽي دفعا پنهنجن پٽن سان ڳالهايو آهي. ان ڪيس ۾به عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي مون کي ٻارن سان ڳالهائڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي جيڪو منهنجو بنيادي ۽ قانوني حق آهي. منهنجي جماعت جا ماڻهو پري پري کان مون سان ملڻ لاءِ اچن ٿا پر عدالت جي حڪمن باوجود انهن کي به ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي. گذريل ڇهن مهينن ۾ مون سان صرف چند ماڻهن جي ملاقات ڪرائي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪمن باوجود منهنجي زال سان ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي. مون کي قيد تنهائي ۾ رکيو ويو آهي. بندوق جي زور تي 26هين آئيني ترميم ذريعي عدالتي نظام تي قبضو ڪرڻ ۽ عدالتن جي پيڪنگ جو مقصد انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ چونڊ فراڊ کي لڪائڻ ۽ منهنجي خلاف ڪيسن ۾ من پسند فيصلا ڪرائڻ لاءِ ”پاڪٽ ججن“ کي ڀرتي ڪرڻ آهي ته جيئن عدليه ۾ شفاف فيصلا ڏيڻ وارو ڪو نه هجي. منهنجي ڪيس جا سمورا فيصلا دٻاءُ ذريعي ڏياريا پيا وڃن،. مون کي غير قانوني طور تي چار سزائون ڏياريون ويون آهن. منهنجي خلاف فيصلو ڏيڻ لاءِ ججن تي ايترو دٻاءُ آهي جو هڪ جج جو بلڊ پريشر 5 ڀيرا وڌي ويو ۽ کيس جيل جي اسپتال ۾ داخل ڪرڻو پيو. هن جج منهنجي وڪيل کي ٻڌايو ته مون کي ۽ منهنجي زال کي سزا ڏيڻ لاءِ ”مٿان“ کان تمام گهڻو دٻاءُ هو. 9 مئي ۽ 26 نومبر تي اسان جي جمهوري ڪارڪنن تي ظلم ۽ تشدد جي انتها ڪئي وئي. پرامن شهرين تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي. سياسي انتقام جي آڙ ۾ ٽن سالن ۾ لکين شهرين جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، اسان جي 20 هزارن کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ حمايتين کي گرفتار ڪيو ويو، سوين ڪارڪنن کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هزارين بيگناهه ماڻهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين جيلن ۾ وڌو ويو. ايجنسين جي دٻاءُ سبب اسان جي ٻن هزارن کان وڌيڪ ڪارڪنن، حمايتين ۽ پارٽي اڳواڻن جون ضمانت واريون درخواستون هاءِ ڪورٽ جي ججن وٽان التوا ۾ رکيون ويون آهن. گذريل ٽن سالن ۾ اسان جي عورتن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو آهي اهو انتهائي شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به سياستدانن جي گهريلو عورتن کي ائين نشانو ناهي بڻايو ويو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جا اخلاق ڪيترا پست آهن. بزرگ عورتن ۽ جوان ڇوڪرين کي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. منهنجي زال بشريٰ بي بي، ڊاڪٽر ياسمين راشد، جيڪا 75 سالن جي ڪينسر جي مريض آهي، منهنجي ٻن ڀينرن کي جن جي عمر 65 سالن کان مٿي آهي، سميت سوين عورتن کي ناحق حراست ۾ وٺي انهن جي تقدس کي پامال ڪيو ويو آهي. حضور صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ عورتن، بزرگن ۽ ٻارن کي تنگ نه ڪيو ويندو هو، اسان جي مذهب جو حڪم آهي ته جنگي حالتن ۾ دشمن جي عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي نه ڪئي وڃي ۽ هتي اسان جي وطن جي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جو به خيال نه پيو رکيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه اسان جي روايتن جي خلاف آهي ۽ ان جي ڪري عوام ۾ فوج خلاف نفرت تمام گهڻي وڌي وئي آهي. پيڪا جهڙي ڪاري قانون ذريعي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. ان سڄي صورتحال سبب پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس به خطري ۾ آهي. انٽرنيٽ جي خرابي سبب اسان جي آئي ٽي انڊسٽري کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي ۽ نوجوانن جو ڪيريئر تباهه ٿي رهيو آهي. چند ماڻهن جي خواهشن تي عوامي مينڊيٽ کي نظرانداز ڪري سياسي عدم استحڪام جو بنياد رکيو ويو آهي، جنهن سبب ملڪي معيشت خراب حالت ۾ آهي ۽ سيڙپڪار ۽ باصلاحيت ماڻهو پاڪستان ڇڏي پنهنجي سرمائي سان تيزي سان پرڏيهه وڃڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. معاشي عدم استحڪام پنهنجي عروج تي آهي. ترقي جي شرح زيرو آهي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه هجڻ جي برابر آهي. ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي. اسان جا جوان پاڪستان لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ کٽڻ لاءِ ضروري آهي ته قوم فوج سان گڏ بيٺي هجي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين ۽ انهن غير قانوني ڪاررواين سبب عوام ۾ فوج جي بدنامي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه فوج جي حلف جي به ڀڃڪڙي آهي. ڪنهن به ملڪ جي فوج پنهنجي شهرين سان اهڙو سلوڪ نه ڪندي آهي پر قابض قوتن طرفان اهو سلوڪ ڪيو ويندو آهي جيڪي پاڻ کي هر آئين ۽ قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا. قومي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ ضروري آهي ته فوج ۽ عوام جي وچ ۾ موجود خال کي گهٽايو وڃي ۽ ان وڌندڙ خال کي گهٽائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ۽ اهو آهي فوج پنهنجي آئيني حدن ڏانهن موٽندي، پاڻ کي سياست کان الڳ ڪري ۽ مقرر ڪيل ذميواريون پوريون ڪري، ۽ اهو ڪم فوج کي ئي ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اهو وڌندڙ خال قومي سلامتيءَ جي اصطلاح ۾ خراب ٿي ويندو.