ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪجھه ڏينھن کان ھڪ وڏو مانڌاڻ متو پيو آھي جنھن جي ڪري يونيورسٽيء جا شاگرد شاگردياڻين سميت استاد پڻ روڊن تي آھن احتجاج جو سبب ڊيپ فيڪ وڊيوز آھن جيڪي استادن سميت شاگردن شاگردياڻين جو ٺاھيون ويون آھن

ڊيپ فيڪ

ڊيپ فيڪ ھڪ ٽيڪنالاجيءَ جو سسٽم آھي جنھن ۾ ھڪ ماڻھون جي تصوير کڻي ڪنھن به پورن وڊيو ۾ شامل ڪري ان کي بليڪ ميل يا حراسان ڪرڻ سان گڏ ان کي خوار ڪري سگھجي ٿو ڳالھه رڳي تصوير تائين محدود ناھي ان جو آواز پڻ چوري ڪري ان ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو اھو عمل وڊيو تائين محدود ناھي پر تصويرون پڻ ٺاھي سگھجن ٿيون

ڏکڻ ڪوريا ۾ ڇا ٿيو ؟

ڏکڻ ڪوريا ۾ ھڪڙي شاگردياڻي کي ميسيج آيو ته توھان جي وڊيو وائرل ٿي آھي ان وڊيو جو شارٽ اسڪرين ڪڍي ھن ڏي موڪليو ويو ۽ چيو ويو اچ ته ڳالھايون پاڻ جڏھن ڳالھائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته فوٽن مٿان فوٽون ايندا ويا وڊيو ايندي وئي جڏھن ڇوڪري اھا وڊيو فوٽو ڏٺا ته اھي فوٽون وڊيو ڪجھه سال اڳ جا ھئا ڇوڪري پريشان ٿي وئي ۽ خوف کائڻ بجاءِ پوليس ڏانھن وئي ھلي ۽ پوليس ان واقعي جي تحقيق شروع ڪئي اھا وڊيو ھڪ نه پر اھڙن ھزارين ماڻھن جون ظاھر ٿيڻ شروع ٿي ويون ۽ ڪيترائي اھڙا گروپ ظاھر ٿي پيا جتي ماڻھو پئسن عيوض اھڙيون ڊيپ فيڪ وڏيو ٺھرائي بليڪ ميلنگ حراسان ڪرڻ جا عمل پئي ڪيا ماڻھن احتجاج شروع ڪري ڇڏيا گرفتاريون پڻ ڪجھه ڪيون ويون آھن

عالمي سوشل ميڊيا ٽليگرام ڪجھه وقت اڳ اھڙا 45 ھزار گروپ ختم ڪري ڇڏيا ھئا

ڇا ڪرڻ گھرجي ؟

جديد دور آھي جديد ٽيڪنالوجي انسان جي ڀلائي ۽ مدد سان گڏ بليڪ ميلنگ ڪندڙ ۽ ڏوھاري قسم جي ماڻھن جي لاءِ پڻ وڏي وسيع مارڪيٽ ۽ جنت آھي ان ڪري ڪڏھن به اھڙي تصوير وڊيو يا آواز اھڙو ھجي ته وري وري هڪ ڪجو ڇو جو وڊيو فوٽو کان پوءِ وائيس ڪلوننگ پڻ ٽيڪنالاجي موجود آھي جنھن ۾ توھان جو آواز چوري ڪري ھوبھو توھان جيان ڳالھائي ڪھڙا به مقصد حاصل ڪري سگھن ٿا .. (فيس بوڪ تان ورتل)