سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ تقريبن ٻاويھ ھزار خالي آسامين تي مرد توڻي عورت استاد ڀرتي ڪرڻ واسطي سال 2012ع ۾، اميدوارن جي ٽيسٽ وٺڻ جي لاءِ سنڌ جي تعليم کاتي پاران اين ٽي ايس (نيشنل ٽيسٽنگ سروس) سان ھڪ معاھدو ڪيو ويو. معاھدي ٿيڻ بعد اين ٽي ايس پنھنجو ڪم شروع ڪري ڏنو ۽ تعليم کاتي پاران ھن جي رھنمائي جي لاءِ وري ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو) کي ذميواري سونپي وئي. آر ايس يو ھڪ تعليم سڌار ادارو آھي جنھن کي سال 2006ع ۾ عالمي بينڪ ۽ ٻين عالمي ڊونر ايجنسين جي سھڪار سان قائم ڪيو ويو ھو. عالمي فنڊن کان علاوه سنڌ حڪومت بہ ھن اداري کي ڪافي فنڊ ڏئي ٿي. سنڌ جي تعليم ۾ سڌارو ۽ بھتري آڻڻ جي لاءِ آر ايس يو پنھنجا ارڙھن سال لڳائي ڇڏيا آھن ۽ تعليم ۾ بھتري وارو سفر اڄ بہ جاري آھي. تعليم ۾ ڪيترو سڌارو آيو ۽ ڪھڙي بھتري ٿي آھي اھو تہ ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر 2013ع ۾، اين ٽي ايس ٽيسٽ ٿيڻ بعد جڏھن استادن جي ڀرتي جو عمل شروع ڪيوسين ۽ جڏھن اميدوارن جا دستاويز جانچڻ شروع ڪياسين تہ اسان تي ھي انڪشاف ٿيڻ لڳو تہ اميدوارن جي ڊيٽا ۾ ڪافي اھڙيون غلطيون آھن جيڪي يا تہ ھنن کان اڻ ڄاڻائي ۾ ٿي ويون آھن يا وري ھنن پاران ڄاڻي واڻي ڪيون ويون آھن. اين ٽي ايس ٽيسٽ جي سبب جيڪي ڀرتي ڪيون ويون؛ اھي “ٽيچرز ريڪروٽمنٽ پاليسي- 2012ع” (ٽي آر پي – 12) جي تحت ڪيون ويون. ٽي آر پي – 12 جون ڪجھ خاص ڳالھيون ھي ھيون:
* خالي آسامين کي ٽن ذمرن: ميل، فيميل ۽ مِڪس ۾ ورھايو ويو آھي.
* ڀرتيون يوسي آڌار ۽ اسڪول آھر خالي آسامين تي ڪيون وينديون.
* عمر جي حد ۾ پندرنھن سالن جي رعايت ڏني ويندي.
* ٿورائي جاتين جي لاءِ اوپن ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ سان گڏ الڳ ڪوٽا بہ مقرر ڪيل آھي.
* تعليمي، ذاتي ۽ سماجي حيثيت وارن دستاويزن کي ٽيسٽ منعقد ٿيڻ کان اڳ جمع ڪرائڻ ھڪ لازمي شرط آھي.
پاڻ ھن ڳالھ کان ڀلي ڀت واقف آھيون تہ سنڌ ۾ ڪوبہ سرڪاري پروجيڪٽ (ڪم) پنھنجي گھربل وقت اندر مڪمل ناھي ڪيو ويندو. اين ٽي ايس واري ڀرتي عمل سان بہ اھوئي ڪجھ ٿيو جيڪو ڪم ٽن چئن مھينن ۾ مڪمل ڪرڻو ھو ان ڪم کي تڪميل ڪرڻ ۾ ذري گھٽ چار سال لڳي ويا. دير جو خراب اثر اميدوارن تي پيو. خاص طور تي عورت اميدوار تمام گھڻو متاثر ٿيون. مثال طور: ھڪ عورت اميدوار جڏھن ٽيسٽ ۾ ويٺي ھئي تہ ان وقت اھا اڻ پرڻيل ھئي. سال سوا بعد جڏھن ڀرتي جو عمل شروع ڪيو ويو تہ ساڳي عورت شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي چڪي ھئي. شادين وارو ھي کيل بہ ڪافي ھنڌن تي ڄاڻي واڻي رٿيو ويو، صرف انھيءَ ڪري تہ پيڪاڻي يوسي ۾ آسامي خالي نظر نہ آئي تہ، ساھراڻي يوسي جي آڌار تي نوان ڪاغذ پٽ تيار ڪرايا وڃن، جنھن جو بہ فائدو عورت اميدوارن کي نہ ٿيو. سون تي سھاڳو وري ھي تہ مرداڻي سماج ۾ ڪنھن بہ عورت جي جڏھن ذاتي يا سماجي حيثيت ۾ ڪنھن بہ سبب جي ڪري ڪو ڦيرو اچي ٿو تہ ان جي پھرين حيثيت ختم ڪئي وڃي ٿي ۽، ان کي ھڪ نيئن سڃاڻپ ڏني وڃي ٿي. جيئن سڃاڻپ ڪارڊ مان ولديت واري نالي کي ھٽائي مڙس جو نالو درج ڪرائڻ. ساڳي طرح سان ٻين گھربل دستاويزن جھڙوڪ ڊوميسائل ۽ فارم ڊي ۽ فارم سي ۾ بہ مَٽ سٽ ڪئي وڃي ٿي. نالن جي انھيءَ مَٽ سٽ جي ڪري ڪيتريون ئي اھڙيون اميدوار جن جيڪي دستاويز ٽيسٽ کان اڳ جمع ڪرايا ھئا، ٽيسٽ ۾ گھربل نمبر بہ حاصل ڪيا ھئا، ھنن جي يوسين وارن اسڪولن ۾ آساميون بہ دستياب ھيون پر افسوس؛ دستاويزن ۾ شامل ڊيٽا جي ھير ڦير جي سبب اھي سڀ ڀرتي واري عمل کان رھجي ويون. نوان دستاويز، جن جو سرسري ذڪر مٿي ڪري آيو آھيان، اھو ھي تہ ڪجھ اھڙيون اميدوار بہ ھيون، جن جڏھن ڏٺو تہ پاس ٿيڻ وارين يوسين ۾ ھنن جو ڪم ڪونہ ٿيندو پر، ساھراڻي يوسي ۾ ھنن جو ڪم آرام سان ٿئي ٿو، سو پنھنجي سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل، فارم ڊي ۽ سي کي وقتائتو (اپ ڊيٽ) يعني پنھنجي مڙس جي نالي سان ٺھرائي دعويٰ ڪرڻ لڳيون تہ نوڪري اسان جو حق آھي. جڏھن تہ پاليسي ان تي بلڪل واضح ھئي ۽ معاملو ڪورٽن جي زينت بہ بڻيو پر ڀرتي پاليسي جي پيرا ميٽرز جي سبب فيصلو ٽي آر پي – 12 جي ئي حق ۾ ايندو رھيو. ياد رکڻ گھرجي تہ اڻ پرڻيل ڇوڪرِيءَ جو نوڪري وارو آفر آرڊر/ اپائنٽمنٽ ليٽر ھن جي پيءُ جي نالي سان ٺاھيو وڃي ٿو ۽ پرڻيل عورت جو مڙس جي نالي سان. انھيءَ ڪري ضروري آھي تہ سرڪاري نوڪرين جي لاءِ درخواست ڏيڻ وقت دستاويزن ۾ شامل ڊيٽا وارين ھنن ڳالھين کي ياد رکڻ گھرجي تہ ڪٿي ڪا ھڪ ننڍڙي غلطي ڪنھن وڏي مسئلي جو سبب تہ نہ بڻبي.
پنھنجي علمي، تعليمي ۽ سماجي حيثيت وارن دستاويزن کي تمام گھڻي خبرداري سان ۽ نوڪرين جي گھرجن موجب تيار رکو ڇاڪاڻ جو دستاويزن ۾ ڊيٽا وارا مونجھارا ھڪ تہ ختم ٿيڻ جو نالو ناھن وٺندا. ٻيو جيڪڏھن ختم بہ ٿي ويندا آھن تہ ان ڪم ۾ پيسو ۽ وقت تمام گھڻو لڳي وڃي ٿو. اڄڪلھ ھڪ فرد سان لاڳاپيل ڪافي دستاويز اھڙا آھن جن کي تيار ڪرڻ جو اختيار نادرا (نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي) کي ڏنو ويو آھي. ساڳيا ڪاغذ پٽ يا تہ مقامي اختياري ھيٺ ٺھندا ۽ ملندا ھئا يا وري ضلعي انتظاميا جي ھٿ وس ھوندا ھئا. جھڙوڪ برٿ سرٽيفڪيٽ ۽ نڪاح نامو وغيره. تازو نادرا پاران تيار ڪيل نڪاح نامي ۾ شامل ڊيٽا نظر مان گذري جنھن ۾ ٻيو ڪجھ تہ سمجھ ۾ ايندڙ آھي پر جڏھن ميريٽل اسٽيس (ازدواجي حيثيت) واري خاني ۾، نڪاح نامو حاصل ڪندڙ شادي شدہ مرد عورت لاءِ درج ٿيل لفظ “غير شادي شدہ” پڙھيم تہ سمجھي نہ سگھيس. يعني جن نادرا کان پنھنجو نڪاح نامو حاصل ڪيو آھي اھي تہ زال ۽ مڙس آھن پر ميريٽل اسٽيس واري خاني ۾ غير شدہ لکڻ مان ڇا مراد آھي؟ پڇا ڪرڻ تي ڪنھن ٻڌايو تہ ھن جو مطلب ھي آھي تہ نڪاح نامي کي حاصل ڪندڙ زال ۽ مڙس جي اڳوڻي سماجي حيثيت ڪھڙي ھئي. ٻئي ڪنوارا، طلاقيل يا بيواھ. بھتر ھي آھي تہ ميريٽل اسٽيس سان ھڪ لفظ “پريويئس” جو اضافو ڪري ائين لکڻ گھرجي “پريويئس سوشل / ميريٽل اسٽيس (اڳوڻي ازدواجي / سماجي حيثيت)” جنھن مان چٽي نموني سان سمجھ ۾ اچي ويندو تہ مرد يا زائفان طلاقيل، بيواھ يا ڪنوارا ھئا. شادي بعد عورت جي سڃاڻپ ڪارڊ کي جڏھن وقتائتو ڪيو وڃي ٿو يعني مڙس جي نالي کي درج ڪرايو وڃي ٿو تہ پيءُ جي نالي کي ڪڏھن بہ نہ ھٽائڻ گھرجي، ڇاڪاڻ جو ڪجھ مخصوص حالتن جي جبر ھيٺ جڏھن زال ۽ مڙس جون راھون ھڪٻئي کان الڳ ٿي وڃن ٿيون تہ دستاويزن واري الجھن ھڪ عورت ۽ ٻنھي جي اولاد جي لاءِ ڪيترائي نوان مونجھارا کڻي اچي ٿي. سنڌ حڪومت کي ڊوميسائيل، فارم ڊي ۽ سي ۾ يوسي واري خاني جو اضافو ڪرڻ گھرجي. سرڪاري نوڪري جي لاءِ فارم ڊي ھڪ ضروري دستاويز آھي. اميدوارن کان جڏھن ٽيسٽ جي لاءِ فارم ورتا پئي ويا تہ ان ۾ پنھنجي يوسي جو نالو لکڻ ضروري قرار ڏنو ويو ھو.
مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان تہ استادن جون ڀرتيون يوسي آڌار ۽ اسڪول آھر ھيون. جيڪڏھن ٽيسٽ فارم ۾ يوسي لکڻ وارو شرط نہ رکيو وڃي ھا تہ ھي مسئلو ڊيٽا جي ھير ڦير کان بہ وڏو مسئلو ھجي ھا، ڇاڪاڻ جو ڊوميسائيل، فارم ڊي ۽ سي ۾ يوسيون لکيل ئي ناھن.