لاهور(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي بيٽر ڊيوڊ ملر چيمپيئنز ٽرافي جي تاريخ ۾ تيز ترين سينچري جو نئون رڪارڊ قائم ڪندي اڳوڻي ڀارتي رانديگر وريندر سهواگ جو 23 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. لاهور جي قدافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڊيوڊ ملر نيوزيلينڊ خلاف 67 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي، جيڪا ٽورنامينٽ جي تاريخ جي تيز ترين سنچري آهي. ملر آخري بال تي ٻه رنسون ٺاهي پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي، پر هو پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. ملر 67 بالن تي 100 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، جنهن ۾ 10 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا. ان کان اڳ 2002 ۾ ڀارت جي اڳوڻي اوپنر وريندر سهواگ انگلينڊ خلاف ڪولمبو ۾ 77 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي، جيڪا تنهن وقت چيمپيئنز ٽرافي جي تيز ترين سينچري هئي. چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ 22 فيبروري تي آسٽريليا جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر جوش اينگلس انگلينڊ خلاف 77 بالن تي سنچري ٺاهي، سهواگ جو رڪارڊ برابر ڪيو هو، پر هاڻي ملر اهو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025 جو فائنل 9 مارچ تي دبئي ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو.