حيدرآباد(رپورٽ: فيض کوسو) سنڌو درياءَ تي ڊيمن ۽ ڪئنالن جي اڏاوت سبب ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويو آهي ۽ آبپاشي ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته 2040ع تائين ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم لاءِ پاڻي اڻلڀ ٿي ويندو. گذريل 10 سالن دوران ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم مان رڳو 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڇوڙ ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته 1955ع کان 1960ع تائين پاڻي جو اهو ڇوڙ 84.92 ملين ايڪڙ فوٽ هو. ان حوالي سان گڏ ڪيل معلومات ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هر ٻن ڏهاڪن دوران ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم وٽان پاڻي جي ڇوڙ ۾ 16 ملين ايڪڙ فوٽ گهٽتائي ٿي آهي. ڪوٽڙي بئراج ريجن جي رٽائرڊ ٿيل چيف انجنيئر حاجي خان جمالي پاران ڪوسٽل ايريا ۾ کاري ڇاڻ ڀرسان سنڌ بئراج جي اڏاوت جي تجويز تحت موڪليل رپورٽ ۾ انگن اکرن سان اهو واضح ڪيو ويو آهي ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جا وهڪرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهيا آهن ان ڪري نه رڳو سنڌو درياهه تي ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ بئراج جي اڏاوت توڙي ڪوٽڙي بئراج کان مٿي به ڪنهن بئراج، ڪئنال يا ڊيم جي اڏاوت جي صورت ۾ پاڻي جا وهڪرا ويتر گهٽجي ويندا، جنهن سان ڪراچي سميت سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جا سخت مسئلا به پيدا ٿي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته 1955ع کان 1960ع جي وچ ۾ ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ 84.92 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڇوڙ ٿيو. اهڙي طرح 1960ع کان 1980ع جي وچ ۾ پاڻي جو ڇوڙ گهٽجي 46.66 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي ويو. رپورٽ مطابق 1980ع کان 2000ع تائين ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي ڇوڙ ۾ ويتر گهٽتائي آئي ۽ ڇوڙ گهٽجي 30.32 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي ويو. اهڙي ريت 2000ع کان 2020ع تائين پاڻي جي ڇوڙ ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي ٿي ۽ اهو پاڻي صرف 13 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ تي وڌيڪ ڊيم ۽ ڪئنال ٺهيا ته پاڻي جو اهو ڇوڙ اڃا به گهٽجي ويندو ۽ ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جو ڇوڙ ٻڙي ملين ايڪڙ فوٽ رهجي ويندو، جنهن سان نه رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻين شهرن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جا مسئلا پيدا ٿيندا، پر خود ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ درياهي زندگي ۽ ڊيلٽا تي به هاڃيڪار اثر پوندا. ڪوٽڙي بئراج جي رٽائرڊ چيف انجنيئر سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن جي گهٽتائي جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته ڪوٽڙي بئراج وٽ روزانو جي بنياد تي پاڻي جي صورتحال خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي، جو ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم مان روزانو جي بنياد تي گهربل پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ جي ڪري سمنڊ جون ويرون ڊيلٽائي علائقي کي ڳڙڪائي رهيون آهن. هن چيو ته جنهن وقت ۾ سنڌو درياءَ جي پڇاڙ واري علائقي ۾ واپڊا پاران سنڌ بئراج جي اڏاوت جي تجويز ڏني وئي هئي، تڏهن هڪ رپورٽ جوڙي اهو ڄاڻايو ويو هو ته ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم ۾ ايترو پاڻي ئي موجود ڪونهي جو نئون ڪئنال اڏي سگهجي. هن چيو ته واپڊا ۽ ارسا پاڻي جا غلط انگ اکر ڏئي حڪومتن آڏو غلط بياني ڪن ٿا جنهن جي ڪري سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ٿيندا رهن ٿا، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن کي پريشاني ٿئي ٿي. هن چيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي دستيابي جي صورتحال اڃا ڳنڀير ٿي ويندي ۽ خدشو آهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه تي ننڍن وڏن اڏاوتن جو سلسلو بند نه ٿيو ته 2040ع تائين ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم مان پاڻي جو ڇوڙ رڪجي ويندو، جنهن سان ڊيلٽائي زندگي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي.
پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ سبب 17 مان 15 ڪريڪس مڪمل ختم
حيدرآباد: ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم مان 1935ع کان 2017ع تائين پاڻي جي وهڪرن ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي جو انڪشاف ٿيو آهي. پاڻي جي وهڪرن ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي جي ڪري سنڌو درياءَ جون 17 مان 15 ڪريڪس مڪمل طور ختم ٿي ويون آهن ۽ هاڻي صرف 2 ڪريڪس باقي بچيون آهن جن مان پاڻي ڇوڙ ٿي سمنڊ طرف وڃي ٿو. جيڪي ڪريڪس باقي بچيون آهن انهن ۾ کوبار ۽ کار ڪريڪ شامل آهن. آبپاشي ماهرن موجب صرف خريف جي مند ۾ ٻوڏ جي ڪجهه ڏينهن دوران ڪوٽڙي بئراج وٽان پاڻي ڇوڙ ٿي سمنڊ تائين پهچي ٿو.ماهرن جي رپورٽن مطابق سنڌو درياهه جي ڪريڪس ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ جي ڪري انڊس ڊيلٽا ذري گهٽ موت جي ورچڙهي ويو آهي ۽ هو پنهنجي اصل سائيز کان گهٽجي رڳو 10 سيڪڙو باقي بچيو آهي. آبپاشي ماهرن مطابق ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم مان پاڻي جو ڇوڙ گهٽجڻ جي ڪري ڪيٽي بندر تعلقي جو اڌ حصو سخت متاثر ٿيل آهي جڏهن ته تعلقا گهوڙا ٻاڙي جا 2 تپا ۽ تعلقي ميرپورساڪري جون 6 ديهون سمنڊ جو پاڻي مٿي چڙهي اچڻ جي ڪري پنهنجي پيدواري صلاحيت وڃائي چڪيون آهن. ان کانسواءِ کارو ڇاڻ، شاهه بندر ۽ جاتي تعلقن جا گهٽ ۾ گهٽ 3 تپا کاري پاڻي جي ڪري سخت متاثر ٿيا آهن. ٺٽي ضلعي جون 6 ديهون مڪمل طور سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ 11 ديهون جزوي طور سمنڊ برد ٿي ويون آهن. ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي علائقي جي 2 لک 15 هزار 900 ايڪڙ زمين سمنڊ حوالي ٿي چڪي آهي جنهن جي ڪري انهن علائقن جا ماڻهو پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي ٻئي هنڌ لڏي ويا آهن.
چشما ۽ تونسا لنڪ ڪئنال به پاڻي لاٿ جو سبب بڻيا آهن: ماهر
حيدرآباد: سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾گهٽتائي جا وڌيڪ حوالا ڏيندي آبپاشي ماهرن اهو به ڄاڻايو آهي ته 1976ع ۾ تربيلا ۽ 1967ع ۾ منگلا ڊيم جي اڏاوت مڪمل ڪئي وئي، جڏهن ته 1971ع ۾ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ 1976ع ۾ تونساپنجند ڪئنال به تعمير ڪيا ويا جيڪي تعمير ته ٻوڏ واري پاڻي جي کڻت لاءِ ڪيا ويا هئا پر بعد ۾ انهن ٻنهي ڪئنالن کي مستقل ڪئنال ڪري وهايو ويو جنهن ڪري پڻ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي آئي. آبپاشي ماهرن مطابق سنڌو درياءَ ۽ ان جي ڀرتو ندين تي 8 ملين ايڪڙ فوٽ ذخيرو ڪندڙ ڀاشا ڊيم، 1.2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪندڙ مهمندن ڊيم ۽ خرم تنگي ڊيم سميت ڪجهه ٻيا ننڍا ڊيم به تعمير ڪيا پيا وڃن جنهن جي ڪري سنڌو ڀرتو ندين ۾ به پاڻي جا وهڪرا رڪجندا جنهن سان پڻ سنڌو جي وهڪرن تي منفي اثر پوڻ جو خدشو آهي.
خريف ۾ 12.67 ۽ ربيع ۾ 0.76 ايم اي ايف پاڻي ڇوڙ
حيدرآباد: ڪوٽڙي بئراج وٽان گذريل 25 سالن دوران رڳو 13.436 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ٿي سگهيو آهي جنهن ۾ خريف جي موسم دوران 12.675 ۽ ربيع جي موسم دوران 0.762 ملين ايڪڙ فوٽ شامل آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽان هٿ ڪيل معلومات مطابق 2000- 1999ع دوران خريف ۽ ربيع جي مند ۾ مجموعي طور 8.903 ايم اي ايف، 1-2000ع دوران 0.744 ايم اي ايف، 2-2001ع دوران 1.918 ايم اي ايف، 3-2002ع دوران 2.124 ايم اي ايف، 4-2003ع دوران 20.170 ايم اي ايف، 5-2004ع دوران 0.260 ايم اي ايف، 6-2005ع دوران 24.46 ايم اي ايف، 7-2006ع دوران 21.535 ايم اي ايف، 8-2007ع دوران 15.678 ايم اي ايف، 9-2008ع دوران 5.800 ايم اي ايف، 10-2009ع دوران 4.068 ايم اي ايف، 11-2010ع دوران 54.331 ايم اي ايف، 12-2011ع دوران 14.059 ايم اي ايف، 13-2012ع دوران 5.529 ايم اي ايف، 14-2013ع دوران 18.220 ايم اي ايف، 15-2014ع دوران 6.797 ايم اي ايف، 16-2015ع دوران 36.490 ايم اي ايف، 17-2016ع دوران 10.538 ايم اي ايف، 18-2017ع دوران 9.401 ايم اي ايف، 19-2018ع دوران 1.787 ايم اي ايف، 20-2019ع دوران 12.423 ايم اي ايف، 21-2020ع دوران 15.719 ايم اي ايف، 22-2021ع دوران 1.929 ايم اي ايف، 23-2022ع دوران 32.521 ايم اي ايف، 24-2023ع دوران 14.451 ايم اي ايف ۽ 2025ع دوران خريف جي مند ۾ رڳو 0.061 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ٿي سگهيو آهي. پاڻي جا اهي انگ اکر ظاهر ڪري رهيا آهن ته ڪيئن نه ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي رهيا آهن.
حيدرآباد: آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ شروع ٿي ڇاڪاڻ ته ان وقت پاڪستان جي سرڪار ملڪ جا 3 درياهه ستلج، راوي ۽ بياس ڀارت کي وڪرو ڪري ڇڏيا هئا جڏهن ته جهلم درياهه مان به 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي وولر بئراج ذريعي ڀارت حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌو درياهه تي ڀارت کي هائيڊل پاور لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. ان معاهدي جي نتيجي ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جا وهڪرا بدستور گهٽجندا رهيا ۽ 1955ع کان 1960ع تائين پاڻي جو ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم وٽان جيڪو 85 ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ ڇوڙ هو اهو هاڻي گهٽجي 13 ملين ايڪڙ فوٽ رهجي ويو آهي.