حيدرآباد(بيورو رپورٽ) مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين پاران پبلڪ سروس انٽرنيشنل(پي ايس آءِ) ۽ ورڪرز ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ آرگنائيزيشن(ڊبليو اي آر او) جي سهڪار سان حيدرآباد ۾ واڪ ڪري سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن، ليڊي هيلٿ سپروائيزرن، ڊرائيورن، ٽريڊ يونين جي نمائندن ۽ استادن سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ليکڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مقررن ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڪم دوران ناقص حالتن ۽ سهولتن جي کوٽ جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نامياري دانشور جامي چانڊيو، ايڇ آر سي پي جي وائيس چيئرپرسن قاضي خضر، آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين جي صدر حليمه لغاري، جنرل سيڪريٽري شمع گلاڻي، ڊبليو اي آر او جي جنرل سيڪريٽري مير ذوالفقار، مير اعجاز ۽ ٻين چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز 1994ع کان اهم ڪردار باوجود اهي گهٽ اُجرت ۽ غير مناسب ماحول ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. اهي مناسب پگهار ۽ اهم فائدن هيلٿ انشورنس، سوشل سيڪيورٽي، ميٽرنٽي ليو ۽ گريجوئٽي جون مستحق آهن. هنن چيو ته سروس جي واضح ڍانچي سروس اسٽريڪچر جي عدم موجود جي ڪري صحت جي شعبي جا هي ڪارڪن ورهين کان ترقي بنا هڪ ئي گريڊ ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. جيڪا انتهائي گهڻي مايوسي جي ڳالهه آهي.  هنن چيو ته هتي پوليو ويڪسين جي ڪيمپئن ورڪرن جي لاءِ خطرناڪ ٿي وئي آهي، ورڪرن کي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ، قتل ڪرڻ ۽ حراسان ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏيڻ معمول بڻيل آهي. سندن  تحفظ يقيني بڻائيو متاثر خاندانن کي معاوضو به ڏنو وڃي.  هنن صحت جي شعبي کي خانگائڻ جي مذمت ڪندي چيو ته ان سان صحت جي شعبي جي ورڪرن جي حقن، ملازمت جي حفاظت ۽ ضروري خدمتن تائين عوام جي رسائي کي خطرو آهي. حڪومت کي آءِ ايم ايف جي دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ گهرجي ۽ مزدورن ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نجڪاري کي روڪيو وڃي.  هنن سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪندي چيو ته بيراجن، ڊيمن ۽ ڪئنالن جي ڪري طاقتور درياءَ سڪي ويران ٿي ويو آهي. زمينن جا اصل مالڪ هاري آهن، اسان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ زمينون ڏيڻ واري فيصلي کي قبول نه ڪنداسين. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪارپوريٽ فارمنگ کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ زمينون بي زمين مقامي هارين خاص طور تي عورتن کي ڏنيون وڃن. ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن جي لاءِ سروس اسٽريڪچر فوري ٺاهيو وڃي، ليڊي هيلٿ ورڪرن، ليڊي هيلٿ سپروائيزرن، ڊرائيورن ۽ اڪائونٽ سپروائيزرن جون خالي پيل جايون ڀريون وڃن، ليڊي هيلٿ سپروائيزرن کي سپروائيزري الائونس ڏئي ڊرائيورن کي سفري الائونس ڏنو وڃي، پوليو ورڪرن جي لاءِ سڄي سنڌ ۾ مناسب پگهار مقرر ڪري پوليو مهم دوران سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.