لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا پي ٽي آءِ ۽ اسٽبلشمينٽ وچ ۾ ڳالهين بابت ٿيل سوالن تي وضاحت پيش ڪري ڇڏي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اسٽبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ جي ڪوشش فقط اعظم سواتي جي آهي ۽ ان جو پي ٽي آءِ سان ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن اعظم سواتي اسٽبلشمينٽ سان ڳالهين ۾ ڪو رستو ڪڍي ٿو ته اِهي اصولن جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن. سلمان اڪرم راجا ٻڌايو ته پارٽي سطح تي اسٽبلشمينٽ سان ڊيل تي ڪنهن قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي رهي. پي ٽي آءِ پنهنجي طرفان اصولن تي ٻڌل ڪو رستو اختيار ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ سدائين شفاف چونڊن ۽ قانون جي حڪمراني چاهي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته ماڻهن کي اغوا نه ڪيو وڃي