واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران کي پنهنجي جوهري پروگرام بابت معاهدو ڪرڻ گهرجي، هن وقت شايد ايران وٽ ”ٻيهر معاهدي تائين پهچڻ جو موقعو“ موجود آهي. ٽرمپ پنهنجي ٽروٿ سوشل پليٽ فارم تي جاري بيان ۾ چيو ته اسرائيل طرفان ايران تي حملي کانپوءِ، هاڻي ايران وٽ معاهدي لاءِ ٻيو موقعو آهي. هن چيو ته ” ٻه مهينا اڳ مون ايران کي معاهدو ڪرڻ لاءِ 60 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو هو، کين اِهو ڪرڻ گهرجي ها، اڄ 61 هون ڏينهن آهي، مان ايران کي ٻڌايو ته کيس ڇا ڪرڻو آهي، پر هاڻي وٽن ٻيو موقعو آهي. واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جوهري معاهدي بابت ڳالهين جو ڇهون دور ايندڙ آچر تي عمان ۾ شروع ٿيڻ وارو هو. ٻئي پاسي ايران آمريڪا تي اسرائيلي حملن جي حمايت جو الزام هنيو هو، جنهن جي واشنگٽن سخت ترديد ڪئي آهي.