تهران (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي بابت پنهنجو رويو ۽ لهجو بدلائڻو پوندو. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي رويي آيت الله خامنه اي جي لکين حقيقي پيروڪارن جون دليون زخمي ڪيون آهن