راولپنڊي/اسلام آباد(م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان ڪير به ڊيل لاءِ ڳالهيون نه ڪري، اعظم سواتي ۽ علي امين گنڊاپور اجازت گهري هئي مون کين چيو ته جيڪڏهن ڊيل ڪرڻي هجي ها ته 2 سال پهرين ڪري ڇڏيان ها. پارٽي اڳواڻ هڪٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪن. اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته عمران خان سان 5 وڪيلن جي ملاقات ٿي. اسان جي ڏنل لسٽ موجب صرف ٻن وڪيلن باني سان ملاقات ڪئي آهي. باني سان ملاقات تمام ضروري آهي اڄ به باني کي فيملي سان ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي، اسان واضح ڪرڻ ٿا چاهيون ته بس گهڻو ٿي ويو. اسلام آبا هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪمن تحت هفتي ۾ 2 ملاقاتون ٿيڻ گهرجن. بيرسٽر گوهر ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ اڄ 6 بيان ڏنا آهن، باني چيو آهي ته ڪنهن کي به اجازت ناهي ته هو ڊيل لاءِ ڳالهيون ڪري، آئون ڪنهن کي به ڳالهين لاءِ ناهي چيو، مائنز اينڊ منرلز بابت چيو ته جيستائين سياسي اڳواڻن جون ملاقاتون نه ٿينديون ان تي ڪو به موقف نه ڏينداسين، هن ٻڌايو ته باني سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته ايندڙ ڪو به پارٽي اڳواڻ يا عهديدار ٻي پارٽي ليڊرز خلاف ميڊيا تي اچي بيان بازي نه ڪري، باني جو وڌيڪ چوڻ هو ته اپوزيشن اتحاد سان مختصر ايجنڊا تي ڪم ڪيو وڃي، آئين ۽ جمهوريت لاءِ اپوزيشن کي ڪٺي ٿيڻو پوندو.