اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير پي ٽي آءِ باني سان ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي، محسن نقوي چيو آهي ته ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين، ڌمڪين سان ڳالهيون نه ٿينديون آهن، ڪنهن کي به جلسي ۽ جلوس جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، جيڪو به ڊي چوڪ ايندو، اُن کي گرفتار ڪيو ويندو، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڌمڪيون ڏيو ۽ پوءِ چئو ته ڳالهيون ڪريو،هن چيو ته هو چون ٿا احتجاج ڪندا ۽ اسان جي ماڻهن کي ڏنڊا هڻندا ته ائين نه ٿيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته وٽس ڪنهن کي به آزاد ڪرڻ جا اختيار نه آهن، عدالتن کي ئي ڪيسز تي فيصلو ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ وارا عدالتن سان ڳالهيون ڪن، اُتي سندن ڪيس هلندڙ آهن. هن چيو ته بيلاروس جو 65 رڪني وفد 24 نومبر تي ۽ صدر 25 نومبر تي پاڪستان اچي رهيو آهي، شهر ۾ ڪنٽينر لڳائي رهيا آهيون، ڇو ته شهرين جو تحفظ اسان جي ترجيح آهي. هوڏانهن وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته جيڪو چوندو هو ته ڊيل نه ڪندس اهو هاڻ ڊيل ڪريو، ڊيل ڪريو جون صدائون ڏئي رهيو آهي، جيل مان آزاد ڪريو ته احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيندس جو بيان گهٻراهٽ جو اعتراف آهي، هن چيو ته ثابت ٿيو ويو ته انتشار جي ڪال جو مقصد ڊيل لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي، هنن سان ڊيل صرف قانون ڪندو جنهن جا هي ڏوهي آهن. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته علي امين عمران خان جو خودڪش بمبار نه بڻجي، پي ٽي آءِ جي 13هين ”فائنل ڪال“ به مس ڪال ثابت ٿيندي. عمران خان پارٽي جي واڳ پنهنجي زال ۽ ڀيڻ کي ڏئي انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، عمران خان اهو ئي ڪيو جنهن خلاف هو ڳالهائيندو هو. هن چيو ته سياست مان دهشتگردي جو انجام به دهشتگردي وارو ٿيندو، 24 نومبر تي ڊي چوڪ تي اچڻ جو سڏ فتنو ۽ فساد جو سڏ آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ڊيل لاءِ 24 نومبر جو احتجاج ڪال ڪارڊ استعمال ڪري رهي آهي.