پشين (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جلسي ۾ ڊيزل جا نعرا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هينئر ڊيزل جا نعرا نه هڻو، ڇاڪاڻ جو اڃا ساڻس ٺيڪ ڳالهيون هلي رهيون آهن. شير افضل مروت پشين ۾ اپوزيشن اتحاد جي جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ جڏهن اسٽيج تي پهتو ته ڪارڪنن ڊيزل ڊيزل جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڏنا. جنهن تي شير افضل کين روڪيو، جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ ڏاڍ واري حڪومت قائم آهي، عمران خان گذريل اٺن مهينن کان ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ۾ بند آهي، عمران خان ۽ سندس گهرواري جي ڪردارڪشي ڪئي وئي.