ڪرمپور (ن پ ا) ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو هنيو ويو پر پوليس پاران باندي بڻايل حاجي بالاچ نندواڻي، حافظ محمد نواز، حافظ محمد صلاح نندواڻي هٿ نه آيا، درخواستگذار ربنواز نندواڻي احتجاج ڪندي چيو ته کنڀي گم ڪيل 3 ماڻهن کي ايس ايچ او خميسو بروهي بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته گم ڪيل ٽن ڄڻن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.