باھو کوسو (ن پ ا) مڪاني چونڊ جي 3 مرحلي بعد رٽرننگ آفيسر قافلي سان واپس ڦيلاوغ کان ڊيرابگٽي وڃي رھيو ھو ته هٿياربندن سندس گاڏي مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، هڪ ليويز اھلڪار مارجي ويو ۽ 3 اھلڪار سخت زخمي ٿي پيا، ڊيرابگٽي جي ليويز پوليس اھلڪار ۽ زخمين کي کنائي سول اسپتال ڊيرابگٽي منتقل ڪيو، ليويز اھلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم بعد ھيڊڪوارٽر منتقل ڪيو ويو ۽ زخمي اھلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري سوئي جي ويلفيئر اسپتال ريفر ڪيو ويو. ليويز پوليس موجب ڦيلاوغ جو رٽرننگ آفيسر مڪاني چونڊ مھم بعد واپس قافلي سان ڊيرابگٽي اچي رھيو ھو ته موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي.ليويز جو اھلڪار شهيد ٿي ويو،  3 اھلڪار سخت زخمي ٿي ويا آھن، جڏهن ته رٽرننگ آفيسر حملي ۾ محفوظ رھيو.